شخص ۽ عڪس

شخص ۽ عڪس

شخص ۽ عڪس

شخص ۽ عڪس (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي جي لکيل مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت مضمونن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ لکيو آهي. جڏهن ته ‘شخص جي عڪس جي ڇٽي’ عنوان سان اعجاز منگي ۽ ‘ٻه اکر’ جامي چانڊيي لکيا آهن. ڪتاب ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز، ثميره زرين، پروفيسر سيد ظفر حسن، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، محمد هاشم ميمڻ، پروفيسر عمر ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج، تاج بلوچ جي شخصيتن ۽ سندن علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن جو جائزو پيش ڪيو آهي. ان سان گڏ ڪتاب ۾ الطاف شيخ جي ڪتاب ‘رٺي آهي گهوٽ سان’ جو مهاڳ، ‘جر وهي ٿو جال'>جت جر وهي ٿو جال’ تي تبصرو ۽ برسات جي ‘شيخ اياز نمبر’ جو تنقيدي جائزو به شامل آهي. مضمونن جي فهرست جي آخر ۾ ‘معذرت’ جي عنوان سان سقراط جي عدالت ۾ ڪيل آخري تقرير پڻ ڏني وئي آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ساجد سومري جو قاسم ٻگهيي تي لکيل مضمون ‘سماجي تڪميل جا رنگين خواب اُڻندڙ شخص’ پڻ شامل آهي.
ڊيمي سائيز ۾ رنگين ڊسٽ ڪور سان 250 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو